مسلمان مرد اهل ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا، گهٽ عمر واري شادي جي معاملي ۾ صرف فوجداري سزا ڏئي سگهجي ٿي، نڪاح ختم نه ٿيندو: وفاقي آئيني عدالت

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسيحي ڇوڪرين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادي بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته مسلمان مرد شرعي طور تي اهل ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا جڏهن ته گهٽ عمر واري شادي ۾ قانون تحت صرف فوجداري سزا ڏئي سگهجي ٿي، نڪاح ختم نه ٿيندو. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت 18 سالن کان گهٽ عمر جي مسيحي ڇوڪرين جي مسلمان ڇوڪرن سان شادي بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته مسلمان مرد شرعي طور تي اهل ڪتاب عورتن سان نڪاح ڪري سگهن ٿا جڏهن ته گهٽ عمر واري شادي ۾ قانون تحت صرف فوجداري سزا ڏئي سگهجي ٿي، نڪاح ختم نه ٿيندو. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته چائلڊ ميريج ايڪٽ 1929ع ۾ ننڍي عمر واري شادي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو ذڪر موجود ناهي، پر ان قانون ۾ صرف سزا مقرر ڪئي وئي آهي. ان لاءِ ننڍي عمر ۾ ٿيل نڪاح رڳو ان بنياد تي باطل نٿو سمجهي سگهجي، عدالت اهو اصول پڻ بيان ڪيو ته اها سپريم ڪورٽ جي انهن فيصلن جي پابند ناهي جيڪي آئين ۽ قانون سان ٽڪراءُ ۾ هجن.

مزید خبریں