عمران خان جي پٽ قاسم خان پاران جنيوا ۾ بي اين ايم اڳواڻ نسيم بلوچ سان گڏ خطاب، پاڪستان مخالف ڌرين سان رابطن تي سوال

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سائيڊ ايونٽ ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر نسيم بلوچ سان گڏ خطاب ڪيو، جنهن بعد سندن سرگرمين ۽ر ابطن تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي سامهون آيل معلومات ۽ وڊيوز موجب قاسم خان ان ايونٽ …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽ قاسم خان جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي سائيڊ ايونٽ ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي اڳواڻ ڊاڪٽر نسيم بلوچ سان گڏ خطاب ڪيو، جنهن بعد سندن سرگرمين ۽ر ابطن تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي سامهون آيل معلومات ۽ وڊيوز موجب قاسم خان ان ايونٽ ۾ ڊاڪٽر نسيم بلوچ سان گڏ شريڪ ٿيو، جتي هن پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي تنقيد ڪئي. هن پنهنجي ڳالهين ۾ پنهنجي والد عمران خان جي قيد کي بحث جو خاص موضوع بڻايو، اها اڳڀرائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي ته جڏهن ان کان اڳ به قاسم خان جون ڪجهه تڪراري شخصيتن سان ملاقاتون خبرن ۾ رهي چڪيون آهن. ٻئي پاسي بلوچ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نسيم بلوچ به ان موقعي تي بلوچستان جي حوالي سان پنهنجي موقف کي ورجائيندي انساني حقن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي شخصيتن جي گڏيل موجودگي کي سوشل ميڊيا تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، جتي اڪثر صارفين ان کي پاڪستان مخالف لابنگ قرار ڏئي رهيا آهن، تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان نوعيت جون سرگرميون نه رڳو داخلي سياسي بياني کي متاثر ڪن ٿيون پر عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ مفادن تي به اثر انداز ٿي سگهن ٿيون، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ کي سفارتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن.

مزید خبریں