وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو فون، وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي امن ڪوششن جي لاءِ حمايت جو اظهار

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي امن ڪوششن جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم کي آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ ڀائر نار ملڪن ۽ ايران جي اڳواڻن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه سميت تازي سفارتي ڪوششن …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي امن ڪوششن جي لاءِ حمايت جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم کي آمريڪا ۽ ايران جي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ ڀائر نار ملڪن ۽ ايران جي اڳواڻن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه سميت تازي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم ٽيليفون ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ امت جي اتحاد ۽ ترقي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قيادت ۾ ثالثي جي ڪوششن جي حمايت جي مضبوط پيغام تي ملائيشيا جي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم کي آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ ڀائر نار ملڪن ۽ ايران جي اڳواڻن سان ان جي ڳالهه ٻولهه سميت تازي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي شاندار قيادت کي ساراهيندي ملائيشيا جي وزيراعظم کيس مختلف عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ هن وچ اوڀر جي جنگ جي فوري خاتمي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي امن ڪوششن ۾ ملائيشيا جي مڪمل حمايت جي آڇ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي جي موجوده صورتحال ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻيون ۽ حقيقي ڪوششون جاري رکندو. ٻنهي اڳواڻن ويجها رابطا بحال رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں