پنهنجو گهر هر شهري جو حق آهي، ان مقصد جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجو گهر هر شهري جو حق آهي، ان مقصد جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، رهائشي شعبي م سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پنهنجو گهر هر شهري جو حق آهي، ان مقصد جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، رهائشي شعبي م سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار رهائشي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن، گهٽ لاڳت گهرن جي فراهمي ۽ شعبي ۾ روزگار جي اضافي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ميان رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، نجي شعبي جي ماهرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي رهائشي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي، ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو، تعميرات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ سان نه رڳو معيشت جو ڦيٿو ڦرندو پر روزگار جا لکين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تعميرات ۽ رهائشي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڌيڪ فروغ لاءِ قابل عمل حڪمت عملي جوڙي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته حڪمت عملي جي جوڙجڪ ۾ سمورين سرڪاري ۽ نجي شعبي جي ڌرين بشمول صوبائي حڪومتن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي تعميرات ۽ رهائشي شعبي تي ٽاسڪ فورس ۽ لاڳاپيل ورڪنگ گروپس جي تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ منظور ٿيل قدمن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي کان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٻاهرئين سيڙپڪارن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي تعميرات ۽ رهائشي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن، قدمن سان رهائشي تعميراتي منصوبن ۾ اضافو، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، شعبي جي قانوني سڌارن تي ڪم تيزي سان جاري آهي، قانونسازي حتمي مرحلن ۾ آهي، گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن جي لاءِ گهٽ لاڳت قرضن جي نظام جو لاڳو ٿي چڪو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ بئنڪن کي ان حوالي سان هدف ڏنا ويندا، ملڪ ۾ مارگيج فنانس جي پوري ايڪو سسٽم جي تياري تي ڪم تيزي سان جاري آهي، رهائشي تعميرات جي شعبي جي لاءِ ڊيولپر- ليڊ فنانسنگ جو هڪ جامع نظام پڻ جوڙيو پيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رهائشي تعميرات جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جامع قدمن کي جلد حتمي شڪل ڏئي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

مزید خبریں