اسلام آباد - 26 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي ھم آھنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آھي ته وڻ لڳائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج بڻجي چڪو آھي، وڻن جي واڌ ويجھ ذريعي گرمي پد، گليشيئرز جي ڳرڻ ۽ ٻوڏن ۾ گھٽتائي ممڪن آھي، ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي روڪ ٿام وقت جي اھم ضرورت ۽ وڻڪاري واحد …
ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي روڪ ٿام وقت جي ضرورت آھي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي ھم آھنگي بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آھي ته وڻ لڳائڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج بڻجي چڪو آھي، وڻن جي واڌ ويجھ ذريعي گرمي پد، گليشيئرز جي ڳرڻ ۽ ٻوڏن ۾ گھٽتائي ممڪن آھي، ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي روڪ ٿام وقت جي اھم ضرورت ۽ وڻڪاري واحد رستو آھي، جنھن سان اسان پنھنجي ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ بڻائي سگھون ٿا. اهڙن خيالن جو اظھار ھن وڻڪاري مھم جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته وڻ اسان جو مستقبل آھن ۽ اھي اسان کي ساھه کڻڻ لاءِ آڪسيجن فراھم ڪندا آھن، جڏهن ته وڻ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري ماحول کي متوازن رکن ٿا. ھن چيو ته اڄ ٻارڙين سان گڏجي وڻ لڳائڻ جو عمل قدرت جي ان نظام کي برقرار رکڻ جي ڪوشش آھي، جنھن جي ذريعي انسان ساھه کڻي رھيا آھن. ھن چيو ته قدرتي آفتن ۽ ٻوڏ جي حوالي سان خبرون سامهون اينديون آهن ته ھزارين ماڻھو فوت ۽ زخمي ۽ ڪروڙين بي گھر ٿيا. هن چيو ته اھو سمجھڻ ضروري آھي ته اھي طوفان ايندا ڇو آھن. مصدق ملڪ چيو ته گرمي پد ۾ اضافو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ گرين ھائوس گيسن جي نيڪال سبب ٿيندو آھي، جڏھن ته وڻ ان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري آڪسيجن پيدا ڪن ٿا جيڪا انساني زندگي لاءِ تمام گهڻي ضروري آهي، وڻ نه رڳو ماحول کي بھتر بڻائڻ ٿا پر اسان جي ثقافت ۽ قدرتي حسن جو به حصو آھن ۽ وڻ ماحولياتي نظام ۾ توازن پڻ پيدا ڪندا آھن. ھن چيو ته جيڪڏھن انسانن ۽ وڻن وچ ۾ اھو توازن برقرار نه رھيو ته نه رڳو وڻ ختم ٿي ويندا پر انساني تھذيب به خطري ۾ پئجي ويندي. مصدق ملڪ چيو ته اسلام آباد ۾ وڻڪاري مھم دوران ھڪ وڻ بدران ڏھه وڻ لڳائڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو، جنھن تي عمل شروع ٿي چڪو آھي، هن چيو ته موسم مناسب نه هجڻ باوجود وڻ لڳايا ويا ۽ ھاڻي اھي وڏا ٿي رھيا آھن، جن کي عوام پاڻ ڏسي سگھي ٿو. ھن چيو ته مھم ۾ ٻارڙين جي شرڪت انتھائي اھم آھي ڇو ته جيڪڏهن اھو جذبو سڄي ملڪ ۾ پکيڙجي وڃي ۽ ھر گھر ۾ وڻ لڳايا وڃن ته وڏو انقلاب اچي سگھي ٿو، جنھن جي نتيجي ۾ گرمي پد، گليشيئرز جو ڳرڻ ۽ ٻوڏن جي شدت ۾ گھٽتائي ايندي، ائين انساني تھذيب محفوظ رھي سگھي ٿي.











