وفاقي آئيني عدالت پاران خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ مبينا طور فورس جوڙڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي گذريل ڏينهن جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ويا ته سياسي بيانن تي عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي. جسٽس علي باقر نجفي چيو ته …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي لاءِ مبينا طور فورس جوڙڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي گذريل ڏينهن جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ويا ته سياسي بيانن تي عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي. جسٽس علي باقر نجفي چيو ته جيڪڏهن ڪي ٺوس شاهديون يا فورس ٺاهڻ جو باضابطه نوٽيفڪيشن موجود آهي ته پيش ڪيو وڃي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کان ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري جنهن کي عدالت منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

مزید خبریں