اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”ڊي _ 8 حلال ايڪسپو انڊونيشيا“ ۾ شرڪت لاءِ 30 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب انڊونيشيا ۾ نمائش 14 کان 18جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جا مقامي حلال فوڊز، سپلائي چين سروسز، اسلامڪ فنانس، آءِ ڊي ڊجيٽل سالوشنز، بيوريجز، …
ڊي _ 8 حلال ايڪسپو انڊونيشيا ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 30 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون: ٽي ڊي اي پي

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”ڊي _ 8 حلال ايڪسپو انڊونيشيا“ ۾ شرڪت لاءِ 30 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب انڊونيشيا ۾ نمائش 14 کان 18جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جا مقامي حلال فوڊز، سپلائي چين سروسز، اسلامڪ فنانس، آءِ ڊي ڊجيٽل سالوشنز، بيوريجز، ٽيڪسٽائيل، فيبرڪس اينڊ گارمينٽس، ڪرٽين، راندين جو سامان، سرجيل ۽ ڊينٽل اوزار، ڪارپيٽس، ليڌر گارمينٽس، چانور، هٿ جو هنر، هربل ڪاسميٽڪس، هربل هيلٿ ڪيئر، فروٽ جوس ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي ادارن سان گڏ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا واپاري معاملا طئي ڪري سگهندا، نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.











