اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچن جي ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو جڏهن ته روانگي واپار ۾ مال برداري خرچن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچن جو ڳاڻيٽو 1.277 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو …
آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچ ۾ اضافو، روانگي واپار ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچن جي ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو جڏهن ته روانگي واپار ۾ مال برداري خرچن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچن جو ڳاڻيٽو 1.277 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 7.02 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس خرچن جو ڳاڻيٽو 1.193 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار تي مال برداري خرچن جو ڳاڻيٽو 564.15 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مدي جي ڀيٽ ۾ 9.84 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳي مدي ۾ ملڪي روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن جو ڳاڻيٽو 619.68 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو.











