اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان توانائي شعبي ۾ اهم سنگ ميل پار ڪندي او جي ڊي سي ايل ملڪ جو پهريون مٿانهين سطح وارو تيل وارو کوهه ڪاميابي سان فعال ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان مقامي تيل جي پيداوار ۾ نمايان اضافو متوقع آهي. ايس آءِ ايف سي اختيارين موجب اها اهم اڳڀرائي ايس آءِ ايف سي جي پاليسي سهڪار ۽ توانائي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي …
او جي ڊي سي ايل جي وڏي ڪاميابي، پاڪستان جو پهريون مٿانهين سطح وارو تيل جو کوهه فعال

مزید خبریں
اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان توانائي شعبي ۾ اهم سنگ ميل پار ڪندي او جي ڊي سي ايل ملڪ جو پهريون مٿانهين سطح وارو تيل وارو کوهه ڪاميابي سان فعال ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان مقامي تيل جي پيداوار ۾ نمايان اضافو متوقع آهي. ايس آءِ ايف سي اختيارين موجب اها اهم اڳڀرائي ايس آءِ ايف سي جي پاليسي سهڪار ۽ توانائي جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي قرار ڏنو پيو وڃي جيڪو پاڪستان کي توانائي جي ميدان ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف وٺي وڃي رهيو آهي. سنڌ جي شهر حيدرآباد مان 13 کوهن مان تيل جي پيداوار جي شروعات ٿي چڪي آهي، جيڪا روزانو اٽڪل 460 بيرل تيل جي پيداوار آهي، اهو ملڪ لاءِ ذڪر جوڳو اضافو آهي. فني اعتبار سان ان کوهه کي 2966 ميٽر اونهائي تائين کوٽيو ويو آهي جنهن ۾ 546 ميٽر جو مٿانهين وارو حصو شامل آهي. (اي ايس پي) ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ان کوهه جي ڪارڪردگي کي روايتي کوهن جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٽيڻ تي وڌايو ويو آهي.











