نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ بچت ۽ اضافي ڪفايتي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بچت ۽ اضافي ڪفايتي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪميٽي موجوده صورتحال ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري قدمن جي اثرائتي هُجڻ جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم وزارتن ۽ صوبن ۾ اڳ کان منظور …

اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بچت ۽ اضافي ڪفايتي قدمن جي نگراني ۽ عملدرآمد بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. خميس ڏينهن نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڪميٽي موجوده صورتحال ۾ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري قدمن جي اثرائتي هُجڻ جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم وزارتن ۽ صوبن ۾ اڳ کان منظور ٿيل ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد جي صورتحال جو به جائزو ورتو. هن ان سلسلي ۾ هيستائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، خاص طور تي غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ وسيلن جي موثر استعمال کي ساراهيو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي هدايت ڪئي ته نگراني جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، مقرر ڪيل رهنما اصولن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي، پيٽروليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اقتصادي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزيرن کانسواءِ وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوه، آئي ٽي ۽ پيٽروليم جي وفاقي سيڪريٽرين، صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں