اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) صارفين کي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي وزيراعظم جي ڪفايت شعاري فنڊ مان 27 ارب رپين جي پهرين قسط فراهم ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب صافين کي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان …
اوگرا کي وزيراعظم جي ڪفايت شعاري فنڊ مان 27 ارب رپين جي پهرين قسط جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) صارفين کي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي وزيراعظم جي ڪفايت شعاري فنڊ مان 27 ارب رپين جي پهرين قسط فراهم ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب صافين کي عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي هي پهرين قسط فراهم ڪئي وئي آهي ته جيئن قيمتن ۾ فرق جي ڪليمز (پرائس ڊيفر نيشنل ڪليمز) جي ادائگي ڪري سگهجي. اهي فنڊز وفاقي حڪومت جي اندر مختلف خرچن ۾ گهٽتائيءَ جي قدمن ذريعي جمع ڪيا ويا ۽ انهن کي وزيراعظم جي ڪفايت شعاري فنڊ ۾ منتقل ڪيا ويا. بيان موجب حڪومت ان ڳالهه تي غور ڪري رهي آهي ته وڌيڪ خرچن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪندي بجيٽ جي حدن اندر رهي سگهجي ۽ واڌو بچت جا موقعا به تلاش ڪري سگهجن.











