بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف يورپي يونين سان پاڪستان جي پُراڻي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير رائمونڊاس ڪاروبلس، وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ …

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف يورپي يونين سان پاڪستان جي پُراڻي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. بچاءُ واري وزارت مان جاري بيان موجب يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير رائمونڊاس ڪاروبلس، وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان رهيو. بچاءُ واري وزير يورپي يونين سان پاڪستان جي پُراڻي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. ان موقعي تي بدليل عالمي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين گڏيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مسلسل رابطن ۽ تعاون جاري رکڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں