اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کيس نار جي صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان جي عالمي امن جي لاءِ ٿيندڙ سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سياسي ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم کيس نار جي صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان جي عالمي امن جي لاءِ ٿيندڙ سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي سياسي ۽ ملڪي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري جنگ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش ممڪن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي پاليسي کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت پاران سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو جائزو پڻ ورتو. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جي مشڪل حالتن ۾ وفاقي حڪومت جي پاليسي جي صحيح رخ متعين ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ قدمن کي ساراهيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا موجُود هُئا.











