دھشتگرد گروپن جي اڳواڻي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي سان افغان طالبان رجيم جو منافقت وارو چھرو بي نقاب

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم دھشتگردي جي حمايت ۽ انتھاپسنداڻي پاليسين سبب سڄي دنيا لاءِ ناقابل قبول بڻجي وئي آهي، رجيم جا جابراڻا قانون افغان شھرين جي بنيادي حقن ۽ مستقبل لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويا آھن. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس مطابق طالبان رجيم جو سخت گير نظام ۽ عالمي سطح تي اڪيلي افغان رياست جي قانوني حيثيت ۽ شھري حقن کي سخت خطرن ۾ …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم دھشتگردي جي حمايت ۽ انتھاپسنداڻي پاليسين سبب سڄي دنيا لاءِ ناقابل قبول بڻجي وئي آهي، رجيم جا جابراڻا قانون افغان شھرين جي بنيادي حقن ۽ مستقبل لاءِ سنگين خطرو بڻجي ويا آھن. آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس مطابق طالبان رجيم جو سخت گير نظام ۽ عالمي سطح تي اڪيلي افغان رياست جي قانوني حيثيت ۽ شھري حقن کي سخت خطرن ۾ وجھي ڇڏيو آھي، افغان طالبان جي القاعده ۽ فتنه الخوارج جھڙي دھشتگرد گروپن سان لاڳاپا خطرناڪ آھن. ٿنڪ ٽينڪس مطابق افغان طالبان رجيم جي خودمختياري جي دعويٰ رڳو ڊرامو آھي، عالمي سطح تي ھڪ ملڪ کان سواءِ ڪنھن به ان کي باقائدا قبول ناھي ڪيو، عالمي سطح تي قانوني حيثيت ۽ سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب طالبان رجيم افغانستان جي نمائندگي لاءِ مڪمل قانوني درجو نه ٿي رکي. ماھرن چيو آھي ته طالبان رجيم جي شدت پسند ۽ غير جمھوري پاليسين سبب افغانستان عالمي سطح تي اڪيلو ۽ اقتصادي ۽ انساني بحران جو شڪار آھي، افغان طالبان جي القاعده ۽ فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) جھڙن گروپن جي پٺڀرائي رڳو ھڪ داخلي معاملو ناھي پر سموري خطي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آھي.

مزید خبریں