اسلام آباد _ 25 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته جاپان ۾ 8 کان 10 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش اسپورٽيڪ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 31 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش جاپان ۾ 8 کان 10 جولاءِ تائين جاري رھندي، جنھن ۾ پاڪستان جي مقامي راندين جو سامان، ٽريننگ جا وزار، …
جاپان ۾ منعقد عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 مارچ تائين طلب

مزید خبریں
اسلام آباد _ 25 مارچ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته جاپان ۾ 8 کان 10 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش اسپورٽيڪ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ 31 مارچ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش جاپان ۾ 8 کان 10 جولاءِ تائين جاري رھندي، جنھن ۾ پاڪستان جي مقامي راندين جو سامان، ٽريننگ جا وزار، فٽنيس جو سامان ۽ اسپورٽس فيشن سان لاڳاپيل ماڻھو ۽ ادارا پنھنجي مصنوعات عالمي خريدارن سامھون پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنھنجا ڪاروباري معاملا پڻ طعي ڪري سگھن ٿا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٽي ڊي اي پي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجن ٿا.











