ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 700 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18  هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 18 ھزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 10 هزار 700 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 18  هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 12 ھزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1450.50 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.027 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1137.75 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.260 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.70 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.132 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں