اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري نيشنل گرڊ ڪمپني (اين جي سي) جي مقامي صنعت کي هٿي وٺرائڻ بابت پاليسيءَ کي اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان تحت پاڪستاني صنعتن کي 12.673 ارب رپين جا معاهدا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته مقامي سطح تي تيار ڪيل ڪنڊڪٽرز جي استعمال سبب درآمدي دارومدار ۾ گهٽتائي سان لاڳت ۾ تقريبن 40 …
نيشنل گرڊ ڪمپني جي مقامي صنعت کي هٿي وٺرائڻ بابت پاليسي اهم ڪاميابي آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري نيشنل گرڊ ڪمپني (اين جي سي) جي مقامي صنعت کي هٿي وٺرائڻ بابت پاليسيءَ کي اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان تحت پاڪستاني صنعتن کي 12.673 ارب رپين جا معاهدا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته مقامي سطح تي تيار ڪيل ڪنڊڪٽرز جي استعمال سبب درآمدي دارومدار ۾ گهٽتائي سان لاڳت ۾ تقريبن 40 سيڪڙو تائين جي مؤثر بچت ممڪن ٿي سگهي ٿي. بيان ۾ وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهي ٺوس نتيجا حڪومت جي ان سڌارن جو عڪاس آهن جن جو مقصد مقامي پيداوار کي هٿي ڏيڻ، درآمدي دارومدار تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ معيشت لاءِ فائدا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پاليسيءَ ذريعي مقامي صنعتن کي ايجوڪيشنل آرڊرز، عالمي حصيدارن سان گڏيل منصوبن ۽ مقامي ذيلي ادارن جي قيام ذريعي بااختيار بڻايو پيو وڃي. وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ هن وقت تائين 900 ملين رپين جي ماليت جا 9 ايجوڪيشنل آرڊرز جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته 11 مقامي ڪمپنين کي سگهه ۾ واڌ لاءِ رجسٽر ڪيو ويو آهي جنهن سان ملڪ جا صنعتي بنياد وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ان پاليسيءَ جا اثر صرف لاڳت ۾ گهٽتائيءَ تائين محدود ناهن پر پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي تحفظ ذريعي مجموعي معاشي استحڪام ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل مواد جي وقت سر فراهميءَ سان منصوبن جي جلد تڪميل ممڪن ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ تيزي اچي رهي آهي، آئينده جي لائحه عمل تي روشني وجهندي هن چيو ته مقامي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ، روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ لاءِ نهايت اهم حيثيت رکي ٿو. خاص ڪري اسٽيل، ڪيبل ۽ ڪنٽڊڪٽر جي شعبن ۾ جتي مقامي صلاحيت ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاور ڊويزن صنعتي طور پاڻڀرو ۽ پائيدار معاشي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهڙين پاليسين جي ڀرپور پٺڀرائي جاري رکندو.











