وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي صدر پروفيسر خالد مسعود گوندل وفد سميت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ پيشيوراڻي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفد ڪاليج جي سالياني ڪانووڪيشن جو ڪتاب وفاقي وزير کي پيش ڪيو. …

اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي صدر پروفيسر خالد مسعود گوندل وفد سميت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ پيشيوراڻي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران وفد ڪاليج جي سالياني ڪانووڪيشن جو ڪتاب وفاقي وزير کي پيش ڪيو. ڳالهين دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار جي امڪانن ۽ اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي به غور ڪيو ويو. وفاقي وزير طبي تعليمي ادارن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ قومي ادارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو.

مزید خبریں