اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت ملڪ جي سمورن علائقن خاص ڪري گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اهڙو اظهار هن گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد خان سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي امن ۽ امان جي صورتحال ۽ ترقياتي معاملن …
حڪومت ملڪ جي سمورن علائقن خاص ڪري گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي ترجيح ڏئي رهي آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت ملڪ جي سمورن علائقن خاص ڪري گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي ترجيح ڏئي رهي آهي. اهڙو اظهار هن گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد خان سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي امن ۽ امان جي صورتحال ۽ ترقياتي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار ترقيءَ لاءِ امن ۽ امان جو قيام اڻٽر آهي، جڏهن ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به پُرامن ماحول بنيادي حيثيت رکي ٿو. ان موقعي تي وڏي وزير گلگت بلتستان ۾ امن ۽ امان جي قيام لاءِ وفاقي وزير جي ڪردار کي ساراهيندي وفاقي حڪومت جي تعاون تي ٿورو مڃيو.











