اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ نار فارس جي موجوده صورتحال جي حوالي سان مختلف قياس آرائيون ۽ افواهه گردش ڪري رهيا آهن جن کان پاسو ڪيو وڃي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ميڊيا جا ڪيترائي ادارا وچ اوڀر/ نار فارس ۾ جاري تڪرار جي حوالي سان قياس آرائين ۽ افواهن کي نشر ڪري …
وچ اوڀر ۽ نار فارس جي موجوده صورتحال جي حوالي سان قياس آرائين ۽ افواهن کان پاسو ڪيو وڃي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ نار فارس جي موجوده صورتحال جي حوالي سان مختلف قياس آرائيون ۽ افواهه گردش ڪري رهيا آهن جن کان پاسو ڪيو وڃي. جاري بيان ۾ هن چيو ته ميڊيا جا ڪيترائي ادارا وچ اوڀر/ نار فارس ۾ جاري تڪرار جي حوالي سان قياس آرائين ۽ افواهن کي نشر ڪري رهيا آهن جن ۾ پاڪستان بابت غلط معلومات پڻ شامل آهي. هن چيو ته مون کي انهن نام نهاد ”اڳڀرائين“ تي تبصري يا تصديق جي لاءِ ڪيتريون ڪالز اينديُون آهن. ترجمان گذريل ڏينهن جي پنهنجي پيغام جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ احتياط ۽ رازداري جي ضرورت هوندي آهي. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته اها قياس آرائين کان پاسو ڪري ۽ ڪنهن به فيصلي يا نتيجي بابت سرڪاري اعلانن جو انتظار ڪري.











