پاڪستان آسيه اندراني، فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس ترجمان

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان آسيه اندراني، فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ هڪ سخت قانون تحت ڀارتي عدالت جي ان فيصلي جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪو انصاف جي گهرجن کي ابتڙ آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو فيصلو ڀارت …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان آسيه اندراني، فهميده صوفي ۽ ناهيده نسرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ هڪ سخت قانون تحت ڀارتي عدالت جي ان فيصلي جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪو انصاف جي گهرجن کي ابتڙ آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو فيصلو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي بنياد تي قائم ڪيسن جي هڪ وسيع تر سلسلي جو حصو آهي جنهن جو مقصد اختلافي آوازن کي دٻائڻ ۽ ڪشميري عوام جي جائز حقن جي لاءِ آواز اٿاريندڙن کي خوفزده ڪرڻ آهي. هن چيو ته انهن سزائن سان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض انتظاميا پاران قانوني گهرجن جي پاسداري، عدالتي خودمختياري ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين تي عملدرآمد جي حوالي سان سنگين خدشا جنم وٺن ٿا.

مزید خبریں