اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي قيادت کي سڀني ڌرين تائين پاڪستان جي تعميري سفارتي پهچ جي باري ۾ اعتماد ۾ وٺندي موجوده بحران ۾ سعودي عرب جي غير معمولي تحمل کي ساراهيندي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان سدائين سعودي عرب ۽ ان جي ڀائر عوام سان گڏ بيٺو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان فون تي ڳالهه ٻولهه، سعودي قيادت کي پاڪستان جي تعميري سفارتي پهچ جي باري ۾ اعتماد ۾ ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي قيادت کي سڀني ڌرين تائين پاڪستان جي تعميري سفارتي پهچ جي باري ۾ اعتماد ۾ وٺندي موجوده بحران ۾ سعودي عرب جي غير معمولي تحمل کي ساراهيندي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان سدائين سعودي عرب ۽ ان جي ڀائر عوام سان گڏ بيٺو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بيان موجب خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف خاديمن حرمين الشريفين خادم شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي ڀائر عوام کي عيد الفطر جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب تي تازين حملي جي پاڪستان طرفان سخت مذمت کي ورجائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڏکئي وقت ۾ مُلڪ ۽ ان جي عوام لاءِ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. موجوده بحران ۾ غير معمولي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيندي وزيراعظم يقين ڏياريو ته پاڪستان سدائين سعودي عرب ۽ ڀائر عوام سان گڏ بيٺو رهندو، جهڙي طرح انهن سدائين پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري طور تي جنگ جي خاتمي ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ تي زور ڏنو ته جيئن علائقائي صورتحال کي مستحڪم بڻائي سگهجي. هن امت جي صفن ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي تي زور ڏنو، جنهن جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي. هن سعودي ولي عهد کي سڀني ڌرين تائين پاڪستان جي تعميري سفارتي پهچ جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ اختلافن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. سعودي ولي عهد پاڪستان جي امن ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر سطح تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.











