نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي نائب صدر ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران انهن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ڇڪتاڻ گهٽائڻ …

اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات يورپي يونين جي اعليٰ نمائنده/نائب صدر ڪاجا ڪالس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن دوران انهن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري اڻٽر آهن. ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں