اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته مجموعي ذخيرن جو ڳاڻيٽو تسلي بخش سطح تي آهي، جنهن کي محفوظ درآمدي انتظامن ۽ جاري پيداوار عيوض معاونت ملي رهي آهي، درآمدي ٽرميلنز سان ريفائنريز، اسٽوريج ٺڪاڻن ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس تائين پهچ مستحڪم ۽ منظم انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي …
پيٽروليم شين جي مجموعي ذخيرن جو ڳاڻيٽو تسلي بخش سطح تي آهن، پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ کي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ کي ٻُڌايو ويو آهي ته مجموعي ذخيرن جو ڳاڻيٽو تسلي بخش سطح تي آهي، جنهن کي محفوظ درآمدي انتظامن ۽ جاري پيداوار عيوض معاونت ملي رهي آهي، درآمدي ٽرميلنز سان ريفائنريز، اسٽوريج ٺڪاڻن ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس تائين پهچ مستحڪم ۽ منظم انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي فراهميءَ جو تسلسل يقيني بڻايو پيو وڃي. عيد جي موڪلن کانپوءِ پيٽرول جي قيمتن جي نگرانيءَ بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال جي روشنيءَ ۾ توانائيءَ جي فراهمي جي مجموعي صورتحال ۽ عالمي تيل ۽ گيس مارڪيٽن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ قومي سطح تي پيٽروليم شين جي آئينده رسد جي امڪانن جي اڳواٽ ۽ توانائيءَ جي پوري ويليو چين ۾ ڪچي تيل ۽ ريفائن ٿيل پيٽروليم شين جي ذخيرن جي دستيابيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جا مجموعي ذخيرا تسلي بخش سطح تي آهن، جنهن کي محفوظ درآمدي انتظامن ۽ جاري پيداوار عيوض مدد ملي رهي آهي، درآمدي ٽرمينلز سان ريفائنريز، اسٽوريج ٺڪاڻن ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس تائين پهچ لائنز مستحڪم ۽ منظم انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي فراهميءَ جو تسلسل يقيني بڻايو پيو وڃي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻارڻ جي فراهمي لاءِ ايندڙ لاجسٽڪس ۽ سامونڊي آپريشنز بابت به بريفنگ ڏني وئي. ٻُڌايو ويو ته ڪارگو جي آمد جو سلسلو شيڊول موجب جاري آهي ۽ مارچ کان هاڻ اپريل لاءِ به پيٽرول جا ڪارگو وڏي حد تائين محفوظ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ کيپون گُهرائڻ جو منصوبو بڻايو پيو وڃي ته جيئن ذخيرن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ان دوران ريفائنريز معمول موجب پيداوار جاري رکندي پيا اچن ۽ ڪچي تيل جي اثرائتي پروسيسنگ کي يقيني بنائڻ لاءِ پيداواري صلاحيت کي بهترين سطح تي برقرار رکڻ جون ڪوششون جاري آهن. اجلاس ۾ قومي ذخيرن ۽ عالمي توانائي مارڪيٽن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو به پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ عالمي بينچ مارڪ قيمتن ۾ نمايان لاهن چاڙهن تي روشني وڌي وئي، ڪميٽيءَ عالمي قيمتن جي نئين رجحانن ۽ ان جي امڪاني اثرن جو جائزو وٺندي نوٽ ڪيو ته حڪومت عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن وچ ۾ قيمتن جي فرق جو مسلسلو جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن متوازن ۽ وقت سر پاليسي فيصلا ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ملڪي توانائي جي نظام ۾ عملي تياري (آپريشنل ريڊي نيس) تي خاص زور ڀريو ويو. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ريفائنريون پنهنجي پيداواري صلاحيتن کي بهترين سطح تي برقرار رکن ته جيئن رسد جو استحڪام برقرار رهي ۽ نظام ۾ امڪاني ڪمزورين کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ عالمي توانائي مارڪيٽن جي رجحانن ۽ ان جي جاگرافيائي ۽ سياسي اڳڀرائيءَ جو به تفصيلي سان جائزو ورتو ويو جيڪو عالمي سپلاءِ جي صورتحال تي اثرانداز ٿي رهي آهي. ڪميٽي بين الحڪومتي سڌيءَ ريت سهڪار جي جاري قدمن جو به جائزو ورتو جنهن جو مقصد رسد جي مضبوطيءَ کي يقيني بنائڻ ۽ امڪاني خطرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. شرڪت ڪندڙن کي اهم ڀائيوار ملڪن سان مختلف ذريعن سان تيل جي فراهمي ۽ لاجسٽڪس جي انتظامن بابت به آگاهه ڪيو ويو، ته جيئن ڪچي تيل ۽ ريفائن ٿيل شين جي دستيابي، ذخيرو ڪرڻ ۽ ٽرانس شپمينٽ جي اختيارن ۽ انتظامن کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ خريداري ۽ مالياتي نظام ۾ لچڪ پيدا ڪري سگهجي. اهي گڏيل قمن بدلجندڙ مارڪيٽ صورتحال ۾ توانائي جي تحفظ کي مضبوط بنائڻ ۽ سپلاءِ جي تسلسل کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته وقت سر منصوبا بندي، مختلف خريداريءَ جي حڪمت عملي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌُرين وچ ۾ ويجها رابطا عالمي مارڪيٽن ۾ لاهن چاڙهن باوجود پاڪستان کي اندرونِ ملڪ مستحڪم سپلاءِ برقرار رکڻ ۾ مدد ڏني آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته عالمي اڳڀرائي، ذخيرن جي سطح ۽ سپلاءِ چين جي صورتحال جي مسلسل ۽ محتاط نگراني جاري رکي وڃي ته جيئن وقت سر ۽ مربوط پاليسي فيصلا ممڪن بڻائي سگهجن. ناڻي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پيٽروليم شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اثرائتي رابطا ڪاري ۽ دانشمنداڻي منصوبا بندي جا ذريعا مارڪيٽ جي استحڪام ۽ قومي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سردار اويس احمد خان لغاري، رانا تنوير حسين، محمد جنيد انوار چوڌري، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سميت لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.











