اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن موجب اسان ملڪ گير ڊجيٽل تبديليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، گلگت بلتستان ۾ نوجوانن جي روزگار ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع منصوبا تيار ڪيا ويندا. وزارت مان جاري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي …
وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن موجب اسان ملڪ گير ڊجيٽل تبديلي تي ڪم ڪري رهيا آهيون: شزه فاطمه خواجه
اسلام آباد-24 مارچ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن موجب اسان ملڪ گير ڊجيٽل تبديليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، گلگت بلتستان ۾ نوجوانن جي روزگار ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع منصوبا تيار ڪيا ويندا. وزارت مان جاري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) يار محمد ۽ گلگت بلتستان جي آءِ ٽي واري وزير غلام عباس سان ملاقات دوران ڪيو. شزه فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن موجب اسان ملڪ گير ڊجيٽل تبديليءَ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم جو خاص ڌيان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ڊجيٽل نيشن پاڪستان ويزن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان جي تياري ۽ عملدرآمد تي ڳالهيون ٿيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جامع ڊجيٽلائيزيشن پلان کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪجهڙي ڊجيٽل ترقيءَ تي زور ڀريو ويو. ڌُرين مختلف شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ مربوط حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شزه فاطمه خواجه پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي خاص هدايت جاري ڪيون ته گلگت بلتستان ۾ نوجوانن کي روزگار ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع منصوبو تيار ڪيو وڃي. ملاقات ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي اتفاق ڪيو ويو. خاص طور تي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي سياحت جي شعبي تي فوڪس، ڊجيٽل ٽوئر ازم کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو، نگران وڏي وزير، وفاقي وزير کي گلگت بلتستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو ويو.











