اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ خطي ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين پاڪ …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان چين جي سفير جي ملاقات، خطي ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ خطي ۽ عالمي سطح تي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. ڌرين پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











