لاهور- 24 مارچ (اي پي پي) عيد الفطر جي ڏينهن ۾ پاڪستان ريلويز مسافر ريل گاڏين سان رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي. پاڪستان ريلويز جي ترجمان مطابق عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران مسافر ريل گاڏين کان رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي آهي، عيد جي پهرين ڏينهن آمدني 11 ڪروڙ رپيا، ٻئي ڏينهن 17 ڪروڙ رپيا جڏهن ته ٽئين ڏينهن 20 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ رهي. وڌيڪ گذريل هڪ هفتي دوران پاڪستان ريلويز، …
پاڪستان ريلويز، عيد الفطر جي موقعي تي رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي
لاهور- 24 مارچ (اي پي پي) عيد الفطر جي ڏينهن ۾ پاڪستان ريلويز مسافر ريل گاڏين سان رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي. پاڪستان ريلويز جي ترجمان مطابق عيد جي ٽنهي ڏينهن دوران مسافر ريل گاڏين کان رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي آهي، عيد جي پهرين ڏينهن آمدني 11 ڪروڙ رپيا، ٻئي ڏينهن 17 ڪروڙ رپيا جڏهن ته ٽئين ڏينهن 20 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ رهي. وڌيڪ گذريل هڪ هفتي دوران پاڪستان ريلويز، مسافر ريل گاڏين کان مجموعي طور تي هڪ ارب رپيا کان وڌيڪ آمدني حاصل ڪئي. ترجمان چيو ته ان حوالي سان ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ان ڪارڪردگي کي هاڪاري پاليسين جي ۽ اثرائتي انتظامي قدمن جو نتيجو قرار ڏيندي انتظاميه کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. هن هدايت ڪئي ته مسافرن کي وڌيڪ بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته مسافرن کي معياري سهولتن جي فراهمي ۽ ريلوي ٽريڪ جي مضبوطي اولين ترجيح آهي، اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ ڪراچي کان روهڙي ريلوي ٽريڪ کي مڪمل طور تي اپ گريڊ ڪيو ويندو، جنهن سان نه صرف سفر جو معيار بهتر ٿيندو، پر ريل جي رفتار ۾ به نمايان اضافو ٿيندو.











