پاڪستان لاءِ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي جامع حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ميزباني اعزاز آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي جامع حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه ٻولهه جي ميزباني کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي جاري ڪوششن جي آجيان …

اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي جامع حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه ٻولهه جي ميزباني کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جاري جنگ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي جاري ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو ۽ ان جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ته جيئن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي رضامندي سان مشروط، پاڪستان بامعنيٰ ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي ۽ ان کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو ته جيئن جاري تڪرار جي جامع حل تائين پهچي سگهجي.