ترڪيه يونيورسٽي فيئر 2026ع اسلام آباد ۽ لاهور ۾ منعقد ٿيندو

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه يونيورسٽي فيئر 2026ع اسلام آباد ۽ لاهور ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ تعليمي ادارن کي ترڪيه ۾ اعلى تعليم جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ آهي. اهو سيشن 30 مارچ تي ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۽ ان جو ٻيو سيشن 01 اپريل تي نشاط هوٽل لاهور ۾ ٿيندو. جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ تعليمي ادارن جي …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه يونيورسٽي فيئر 2026ع اسلام آباد ۽ لاهور ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ تعليمي ادارن کي ترڪيه ۾ اعلى تعليم جي موقعن کان آگاهه ڪرڻ آهي. اهو سيشن 30 مارچ تي ميريٽ هوٽل اسلام آباد ۽ ان جو ٻيو سيشن 01 اپريل تي نشاط هوٽل لاهور ۾ ٿيندو. جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ تعليمي ادارن جي نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت متوقع آهي. اهو ايونٽ ترڪيه جي اداري معارف جي انتظام هيٺ منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ جهموريه ترڪيه جي واپار واري وزارت ۽ معارف فائونڊيشن جو سهڪار حاصل آهي. انتظاميه مطابق ترڪيه جون اٽڪل 20 يونيورسٽيون ان ميلي ۾ شرڪت ڪنديون. اهو ميلو نه صرف شاگردن کي سڌي ريت معلومات فراهم ڪندو پر پاڪستان ۽ ترڪيه جي تعليمي ادارن وچ ۾ رابطن کي به هٿي ڏيندو. ان سلسلي ۾ باقاعده سينشنز منعقد ڪيا پيا وڃن، جن ۾ شاگرد جي مٽاسٽا، تعليمي ڀائيواري ۽ گڏيل منصوبن بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. ترڪيه جي يونيورسٽيز فيئر جي گذريل ايڊيشنز ۾ شاگردن ۽ استادن جي ڀرپور شرڪت ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا ترڪيه ۾ اعليٰ تعليم جي وڌندڙ رجحان جي ترجماني ڪري ٿي. انتظاميه مطابق هن سال جو ايڊيشن ان دلچسپي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ ادارا جاتي سهڪار کي به هٿي ڏيندو. ترڪيه عالمي سطح تي اعليٰ تعليم لاءِ هڪ اهم مرڪز طور اڀري رهيو آهي، جتي تعليمي پروگرامز، عالمي معيار جون يونيورسٽيون ۽ آسان تعليمي نظام دستياب آهي. دوستاڻي تعليمي ماحول، ثقافتي تنوع ۽ اسڪالرشپس جي وسيع موقعن سبب ترڪيه سڄي دنيا جي شاگردن لاءِ پرڪشش چونڊ بڻجي چڪو آهي. هن وقت ترڪيه ۾ 180 کان وڌيڪ ملڪن جا 3 لک 80 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.