پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي وقار، مضبوطي ۽ امن لاءِ پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي: پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده پرڏيھي پاليسي وقار، مضبوطي ۽ امن لاءِ پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن کي وزيراعظم محمد شھباز شريف، نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ فليڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي وسيع سوچ ۽ ڊگهي نظر سان اڳتي وڌائي رھيا آھن، گذريل ڏينھن جاري ڪيل بيان ۾ ھن …

اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي موجوده پرڏيھي پاليسي وقار، مضبوطي ۽ امن لاءِ پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن کي وزيراعظم محمد شھباز شريف، نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ فليڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي وسيع سوچ ۽ ڊگهي نظر سان اڳتي وڌائي رھيا آھن، گذريل ڏينھن جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو ته اڄ غيريقيني ۽ تڪرارن واري صورتحال سان ڀرپور عالمي ماحول ۾ پاڪستان امن، ڳالھين ۽ گڏيل احترام کي ھٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته پاڪستان جو موقف ھميشه انصاف، مظلوم قومن جي حمايت ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ جي حق ۾ رھيو آھي ۽ عالمي سطح تي ان آواز کي ھم آھنگي، اتحاد ۽ انسانيت جي پيغام طور ٻڌو ويندو آھي. سندس چوڻ ھو ته مشڪلاتن باوجود پاڪستان ثابت قدمي جو مظاھرو ڪيو، اسان جي قيادت نه رڳو عالمي لاڳاپن کي بھتر بڻائڻ لاءِ آهي پر پاڪستان جي ھاڪاري تشخص کي به اجاگر ڪيو آهي، ھي اھڙو ملڪ آھي جيڪو امن، گڏيل سھڪار ۽ ترقي تي يقين رکي ٿو. ھن چيو ته اڄ پاڪستان رڳو پنھنجي مفادن جو تحفظ ناھي ڪري رھيو پر ھڪ بھتر ۽ پرامن مستقبل جو بنياد رکي رھيو آھي، جتي اختلافن بدران ڳالهيون غالب ھجن. سندس چوڻ ھو ته دنيا ھاڻي پاڪستان کي اھڙي ملڪ طور ڏسي رھي آھي جيڪو امن کي ترجيح ڏئي ٿو، پر پنھنجي وقار ۽ اصولن تي به قائم رھي ٿو.