اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) گهرن جي تعمير لاءِ فيبروري دوران بينڪن طرفان قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ مطابق فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 224 ارب روپيه رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 2025ع جي فيبروري جي ڀيٽ ۾ 12.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن …
گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن کان قرضن جي فراهمي دوران سالياني بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي: اسٽيٽ بينڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) گهرن جي تعمير لاءِ فيبروري دوران بينڪن طرفان قرضن جي جاري ڪرڻ ۾ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ مطابق فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 224 ارب روپيه رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو 2025ع جي فيبروري جي ڀيٽ ۾ 12.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن طرفان مجموعي طورتي 200 ارب روپين جو قرض فراهم ڪيو ويو هو. جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ هائوس بلڊنگ لاءِ بينڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن ۾ مهينوار بنيادن تي 0.8 سيڪڙو جي اوسر ٿي، جنوري ۾ هائوس بلڊنگ لاءِ بينڪن طرفان 222 ارب روپين جو قرض فراهم ڪيو ويو هو، جيڪو فيبروري ۾ وڌي ڪري 224 ارب روپيه ٿي ويو.











