اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽي بي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عالمي تعاون، ٽيڪنيڪي حصيداري ۽ مستقل عالمي فنڊنگ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽي بي جو مرض پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ طبي، سماجي ۽ معاشي چئلينج بڻيل آهي، ان جي علاج جي لاءِ جديد تشخيصي سهولتن جي وسعت، ليبارٽري نيٽ ورڪ جي بهتري ۽ نگراني جي نظام …
ٽي بي جو مرض پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ طبي، سماجي ۽ معاشي چئلينج بڻيل آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽي بي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عالمي تعاون، ٽيڪنيڪي حصيداري ۽ مستقل عالمي فنڊنگ کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽي بي جو مرض پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ طبي، سماجي ۽ معاشي چئلينج بڻيل آهي، ان جي علاج جي لاءِ جديد تشخيصي سهولتن جي وسعت، ليبارٽري نيٽ ورڪ جي بهتري ۽ نگراني جي نظام کي مضبوط ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ٽي بي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ٽي بي جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي ٽي بي جهڙي قابل علاج ۽ قابل بچاءُ مرض جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، موجوده دور ۾ به ٽي بي ڪيترن ئي مرضن ۾ سرفهرست آهي ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي لاءِ هڪ سنگين صحت، سماجي ۽ معاشي چئلينج بڻيل آهي. هن چيو ته اهو مرض خاص طور تي ڪمزور طبقن کي متاثر ڪري ٿو ۽ غربت، غذائي کوٽ ۽ اڻبرابري جي صورت ۾ صحت، سماجي ۽ معاشي اثر پڻ وجهي ٿو، هر سال عالمي سطح تي ٽي بي جو ڏينهن ان بيماري جي اثرن بابت عوامي آگاهي ۽ ان وبائي مرض جي خاتمي جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ٽي بي جي خاتمي کي عوامي صحت جي ترجيحن ۾ رکيو آهي ۽ هڪ جامع حڪمت عملي تحت مرض جي جلد تشخيص، معياري علاج تائين سڀني جي پهچ، بيماري جي روڪٿام ۽ مريض جي نگهداشت جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ان مقصد جي لاءِ جديد تشخيصي سهولتن جي وسعت، ليبارٽري نيٽ ورڪ جي بهتري ۽ نگراني جي نظام کي مضبوط ڪيو پيو وڃي ۽ بنيادي صحت جي مرڪزن ۾ ٽي بي جي خدمتن کي ٺوس ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلسل علاج جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته ٽي بي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عوام جي شموليت ضروري آهي. معاشرتي اسٽيگما کي ختم ڪرڻ، وقت سر تشخيص جي ترغيب ڏيڻ ۽ علاج جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز، سول سوسائٽي تنظيمون، محقق، نجي شعبي جا طبي ادارا مددگار ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به ٽي بي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ عالمي تعاون، ٽيڪنيڪي حصيداري ۽ مستقل عالمي فنڊنگ لازمي آهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، يونيورسٽين، نجي شعبي، ميڊيا ۽ سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اهي گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ٽي بي جو شڪار ڪو به ماڻهو نظرانداز نه ٿئي.











