اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مگسي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جي قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ هڪ روشن باب آهي جيڪا اسان کي پاڪستان جي بانين جي جدوجهد ۽ سندن لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان انهن عظيم وڏڙن جي ويزن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون …
يومِ پاڪستان، پاڪستان جي بانين جي ويزن ۽ قربانين کي خراجِ تحسيين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي: خالد مگسي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد مگسي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جي قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ هڪ روشن باب آهي جيڪا اسان کي پاڪستان جي بانين جي جدوجهد ۽ سندن لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هي ڏينهن اسان کي موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان انهن عظيم وڏڙن جي ويزن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ۽ پاڪستان کي هڪ اهڙي رياست بنائڻ جو عزم ورجايون جيڪو انصاف، برابري ۽ سڀني لاءِ هڪجهڙن موقعن تي ٻَڌل هجي. پنهنجي پيغام هن پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ جي حوالي سان سائنسي ايجادن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته موجوده دؤر ۾ سائنسي ترقي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ملڪي استحڪام لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. هن واضح ڪيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ پاڻڀرو ٿيڻ کانسواءِ ترقي يافته پاڪستان جو خواب اڌورو آهي ۽ اهوئي شعبو پاڪستان جي روشن مستقبل جي حقيقي ضمانت آهي. وفاقي وزير ملڪ جي نوجوانن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي جديد سائنسي علم ۽ ڊجيٽل مهارتون سيکاريون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هڪ مستحڪم پاڪستان لاءِ اسان کي اجتماعي ڪوششون ڪرڻ پونديون ۽ ”اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط“ جي سونهري اصولن کي پنهنجي زندگين جو حصو بنائڻو پوندو. خالد مگسي ان عهد جو ورجاءُ ڪيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڪ ۾ سائنسي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي سموريون توانائيون ڪتب آڻيندي رهندي.











