اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن پوري قوم کي متحد ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. يومِ پاڪستان جي موقعي تي ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ ڌرتي جي محافظن ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان کي دشمن جي …
يومِ پاڪستان پوري قوم کي متحد ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو: عبدالعليم خان
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن پوري قوم کي متحد ٿيڻ جو درس ڏئي ٿو. يومِ پاڪستان جي موقعي تي ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ ڌرتي جي محافظن ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان کي دشمن جي سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شيهي جي ديوار بڻجڻو پوندو. عبدالعليم خان زور ڀريو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر اسان جي پهرين ترجيح صرف ۽ صرف پاڪستان هئڻ گهرجي. هن نوجوان نسل تي زور ڀريو ته هو ملڪي دفاعي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو مک ڪردار ادا ڪن.












