اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان جو 86هون يومِ پاڪستان سادگي ۽ وقار سان ملهايو ويو. سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق پاڪستان هائوس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جا پيغام پڙهي ٻُڌايا. هاءِ ڪمشنر چيو ته 23 مارچ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن اوورسيز پاڪستانين …
سنگاپور ۾ پاڪستان جو 86هون يومِ پاڪستان ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان جو 86هون يومِ پاڪستان سادگي ۽ وقار سان ملهايو ويو. سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق پاڪستان هائوس ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جا پيغام پڙهي ٻُڌايا. هاءِ ڪمشنر چيو ته 23 مارچ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن اوورسيز پاڪستانين کي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو.











