يومِ پاڪستان اسان کي پنهنجي بزرگن جي لازوال قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو: ريلوي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي جنهن هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جو بنياد رکيو. قائداعظم محمد علي جناح جي نيڪ جذبي جي قيادت ۽ علامه محمد اقبال جي خواب پاڪستان جي قيام کي حقيقت جي شڪل ڏني ۽ اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي وڏڙن جي انهن لازوال …

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته 23 مارچ 1940ع اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي جنهن هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن جو بنياد رکيو. قائداعظم محمد علي جناح جي نيڪ جذبي جي قيادت ۽ علامه محمد اقبال جي خواب پاڪستان جي قيام کي حقيقت جي شڪل ڏني ۽ اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي وڏڙن جي انهن لازوال قربانين ۽ جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو، جن عيوض اڄ اسان آزاد آهيون. پنهنجي پيغام ۾ ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ريلوي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ريلوي کاتو معيشت ۽ ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ريلوي کاتي کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. ريلوي جي نظام ۾ جدت آڻڻ سان نه صرف مسافرن کي محفوظ ۽ معياري سفري سهولت ميسر ٿيندي پر ان سان ملڪي واپاري، صنعت ۽ علائقائي رابطن کي به هٿي ملندي. وفاقي وزير چيو ته مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ گهربل وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن قوم تي زور ڀريو ته يومِ پاڪستان اسان کي ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ جي سونهري اصولن تي عمل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. پيغام جي آخر ۾ هن ان عهد جو ورجاءُ ڪيو ته اسان ملڪ جي خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميداريون ڀرپور طريقي سان نڀائينداسين ته جيئن پاڪستان هڪ مضبوط رياست طور اُڀري سگهي.