اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق يومِ پاڪستان جي تاريخي موقعي تي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ عظيم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته قرارداد لاهور ذريعي هڪ ڌار خودمختيار ۽ اسلامي رياست جو بنياد رکيو ويو ۽ اهو ڏينهن …
يومِ پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ عظيم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق يومِ پاڪستان جي تاريخي موقعي تي قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ عظيم سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي خاص پيغام ۾ هن چيو ته قرارداد لاهور ذريعي هڪ ڌار خودمختيار ۽ اسلامي رياست جو بنياد رکيو ويو ۽ اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي وڏڙن جي بصيرت ۽ سندن بي مثال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، جن عيوض اسان اڄ هڪ آزاد رياست ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. اسپيڪر زور ڀريو ته يومِ پاڪستان فقط هڪ جشن ناهي پر پاڪستان جي بانين موجب ملڪ کي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ فلاحي رياست بنائڻ جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن چيو ته اسان کي ”اتحاد، ايمان ۽ تنظيم“ جي سونهري اصولن کي اختيار ڪندي جمهوري استحڪام ۽ قومي ترقيءَ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. سردار اياز صادق وطنِ عزيز جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانيون قوم لاءِ مشعلِ راهه آهن. هن ملڪ کي درپيش دهشتگردي ۽ معاشي چئلينجز جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت سرگرم آهن ۽ پوري قوم دهشتگرديءَ خلاف پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر چيو ته قومي يڪجهتي ۽ آئين جي بالادستي ئي ملڪ جي ترقيءَ جي ضمانت آهي. ان موقعي تي هن فلسطين ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان پاڪستان جي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ واضح ڪيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي سندن حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. پيغام جي آخر ۾ اسپيڪر ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دُعا ڪئي.











