تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي بصيرت ۽ قيادت اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي: ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي بصيرت ۽ قيادت اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميداريون ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيون وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري پيغام ۾ ڊپٽي چيئرمين يومِ پاڪستان جي موقعي تي پوري قوم …

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن جي بصيرت ۽ قيادت اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميداريون ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيون وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري پيغام ۾ ڊپٽي چيئرمين يومِ پاڪستان جي موقعي تي پوري قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو نهايت اهم ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي هڪ ڌار وطن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل قربانين ۽ عظيم جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته 1940ع جي قراردادِ لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ روشن رستو ثابت ٿي، جنهن کين هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جي قيام جي منزل سان همڪنار ڪيو. اهو ڏينهن اسان کي ان عهد جي ياد به ڏياري ٿو ته اسان اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن کي اختيار ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجون ذميداريون ڀرپور انداز ۾ ادا ڪريون. هن چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ ڊگهي جدوجهد ۽ بيشمار قربانين جو نتيجو آهي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پنهنجي سُڃاڻپ، حقن ۽ آزاديءَ جي تحفظ لاءِ متحد ٿي قربانيون ڏنيون، جن جو ثمر اڄ هڪ آزاد رياست جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. هن پاڪستان جي تحريڪ جي اڳواڻن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن بصيرت ۽ قيادت اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته 23 مارچ 1940ع تي پيش ڪيل قرارداد مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جو بنياد رکيو، جنهن جي تڪميل لکين ماڻهن جي قربانين کان پوءِ ممڪن بڻي. اسان کي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ڪرڻي آهي. سيدال خان ناصر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن، بهادري ۽ قربانين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني فوج هر ڏُکئي وقت ۾ ملڪ جي دفاع کي يقيني بڻايو آهي. هن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانيون هميشه قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سمورن چئلينجز باوجود پاڪستان هڪ مضبوط رياست طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي. پنهنجي پيغام ۾ ڊپٽي چيئرمين دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، خوشحالي ۽ ترقيءَ سان همڪنار ڪري ۽ اسان کي گڏيل اتحاد سان هڪ مضبوط ۽ فلاحي معاشري جي جوڙجڪ جي توفيق عطا فرماءِ.