اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) توانائي (پاور) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته يومِ پاڪستان اسان کي پاڻڀرو ٿيڻ، عملي جدوجهد ۽ قومي ترجيحن جو تعين ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، توانائي پاليسي تحت بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. توانائي واري وزارت طرفان جاري پيغام ۾ وفاقي وزير …
يومِ پاڪستان اسان کي پاڻڀرو ٿيڻ، عملي جدوجهد ۽ قومي ترجيحن جو تعين ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو: سردار اويس احمد خان لغاري
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) توانائي (پاور) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته يومِ پاڪستان اسان کي پاڻڀرو ٿيڻ، عملي جدوجهد ۽ قومي ترجيحن جو تعين ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، توانائي پاليسي تحت بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. توانائي واري وزارت طرفان جاري پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته 23 مارچ 1940ع اهو تاريخي سنگِ ميل آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ڌار وطن جي راهه هموار ڪئي. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو يقينِ محڪم ۽ علامه اقبال جو تصورِ خودي ئي اهو بنياد هئا جن تي پاڪستان قائم ٿيو. هن چيو ته يومِ پاڪستان اسان جي قومي سُڃاڻپ، خودمختياري ۽ نئين عزم جي علامت آهي. هن چيو ته توانائي جو شعبو قومي سلامتي ۽ معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ توانائي جي شعبي ۾ استحڪام آندو پيو وڃي، حڪومت جي توانائي پاليسي تحت بجلي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوشان آهيون، جنهن سان صنعتن کي رليف ملندو. هن چيو ته عوام ۽ صنعتڪارن کي سستي ۽ بنا رنڊڪ بجلي جي فراهميءَ لاءِ قدم جاري رهندا. وفاقي وزير يومِ پاڪستان جي موقعي تي عهد ڪندي چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ شفافيت، ترسيل جو بهتر نظام ۽ صنعتي ترقيءَ کي پهرين ترجيح ڏينداسين، پاڪستان کي مضبوط ۽ مستحڪم رياست بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا.












