اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي يومِ پاڪستان جي موقعي قوم کي مبارڪون ڏيندي اتحاد ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي تجديد تي زور ڀريو آهي. 23 مارچ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 23 مارچ 1940ع جو تاريخي پاڪستان جو ٺهراءُ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام جو بنياد ثابت …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران يومِ پاڪستان تي اتحاد ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي يومِ پاڪستان جي موقعي قوم کي مبارڪون ڏيندي اتحاد ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي تجديد تي زور ڀريو آهي. 23 مارچ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 23 مارچ 1940ع جو تاريخي پاڪستان جو ٺهراءُ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام جو بنياد ثابت ٿيو، جنهن قوم کي خودمختياري، وقار ۽ خوداراديت واري حق جي راهه تي گامزن ڪيو. هن قائداعظم محمدعلي جناح ۽ علامه اقبال جي بصيرت قيادت کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس اڻٿڪ جدوجهد 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کي ممڪن بڻايو. هن ملڪ جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي به ساراهيو، جنهن قومي سلامتي جي تحفظ، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عالمي امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اورنگزيب خان کچي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن پاڪستان جي نرم ۽ هاڪاري سُڃاڻپ عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل هڪ سال دوران عالمي ثقافتي ميلن، نمائشن ۽ ورثي وارن پروگرامن ذريعي ثقافتي سفارتڪاري کي هٿي وٺرائي وئي، جڏهن ته مختلف ملڪن سان ثقافتي مٽاسٽا ۽ ڊيز آف ڪلچر جهڙ قدمن ذريعي ٻه طرفن ناتن کي مستحڪم بڻايو ويو. ملڪي سطح تي قدمن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته عجائب گهرن جي بحالي، ادب ۽ فنون لطيفه کي هٿي وٺرائڻ، هنرمندن ۽ تخليقي صنعتن جي معاونت ۽ ثقافتي ميلن، موسيقي ۽ فلم سرگرمين ذريعن عوامي شموليت کي وڌايو ويو آهي. هن چيو ته عالمي ثقافتي فورمز ۾ پاڪستان جي فعال ڀائيواريءَ سان ملڪ جي سُڃاڻپ هڪ متحرڪ، تخليقي ۽ ثقافتي طور تي مالامال قوم طور تي اجاگر ٿي آهي. وفاقي وزير قومي ورثي جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي جمهوري قدرن، هم آهنگي ۽ ثقافتي جدت کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته يومِ پاڪستان جي موقعي تي اسان کي اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي عمل پيرا ٿيندي ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. آخر ۾ هن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دُعا پڻ ڪئي.











