يوم پاڪستان نئين سر عهد ۽ عزمِ استحڪام جي علامت آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ نئين سر عهد ۽ عزمِ استحڪام جي علامت آهي، پاڪستان ڪنهن ڪمزور ارادي يا مصلحت جو نالو ناهي پر هي هڪ نظريو، هڪ طاقت ۽ هڪ ذميداري آهي. يومِ پاڪستان جي موقعي تي ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير …

اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري يوم پاڪستان جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ نئين سر عهد ۽ عزمِ استحڪام جي علامت آهي، پاڪستان ڪنهن ڪمزور ارادي يا مصلحت جو نالو ناهي پر هي هڪ نظريو، هڪ طاقت ۽ هڪ ذميداري آهي. يومِ پاڪستان جي موقعي تي ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته 23 مارچ اهو ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن تاريخ ساز فيصلو ڪيو جيڪو فقط هڪ ٺهراءُ نه هو پر هڪ واضح اعلان هو ته اسان غلامي نه آزادي ۽ خودمختياري سان جيئڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان کي ان ئي جرئت، بصيرت ۽ سياسي عزم کي وري زندهه ڪرڻو پوندو، پاڪستان ڪنهن ڪمزور ارادي يا مصلحت جو نالو ناهي هي هڪ نظريو آهي، هڪ طاقت آهي، هڪ ذميداري آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسان کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هي ملڪ صرف وجود ۾ رهڻ لاءِ نه پر قيادت ڪرڻ لاءِ بڻيو هو. هن چيو ته قانون جي بالادستي، حقيقي جمهوريت، قومي يڪجهتي ۽ غير متزلزل خودمختياري ئي اسان جي منزل آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اهو واضح پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، پاڪستان جي خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ پاڪستان جي مستقبل کي ڪمزور ڪندڙ هر سوچ جو ڄَمي مقابلو ڪيو ويندو، اهو ئي 23 مارچ جو اصل پيغام آهي، عزم، غيرت ۽ عمل. پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن قومي جهنڊي سان پاڪستان زندهه باد جو ٽيگ به شيئر ڪيو.