اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي 86هين يومِ پاڪستان جي موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ توپن جي سلامتي ڏني وئي، قومي ڏينهن جي شروعات وطن سان تجديد عهد ۽ يڪجهتي جي جذبي سان ٿي. فضا پاڪستان زندهه باد جي نعرن سان گونجي اُٿي ۽ حب الوطني جو جذبو عروج تي هو. اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۾ 21 …
يومِ پاڪستان جي موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ توپن جي سلامتي، قومي ڏينهن جي شروعات وطن سان تجديد عهد ۽ يڪجهتي جي جذبي سان ٿي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) ملڪ جي 86هين يومِ پاڪستان جي موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ توپن جي سلامتي ڏني وئي، قومي ڏينهن جي شروعات وطن سان تجديد عهد ۽ يڪجهتي جي جذبي سان ٿي. فضا پاڪستان زندهه باد جي نعرن سان گونجي اُٿي ۽ حب الوطني جو جذبو عروج تي هو. اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي، اها سلامي قومي وقار، خودمختياري ۽ پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي علامت طور تي ڏني وئي. مسجدن ۾ فجر نماز کانپوءِ ملڪي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ يڪجهتيءَ سان شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دُعائون ڪيون ويون. يومِ پاڪستان جي موقعي تي پوري قوم متحد آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.











