اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يومِ پاڪستان، پاڪستان جي بانين جي ويزن، عزم ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اسان کي انصاف، برابري ۽ موقعن تي ٻَڌل رياست جي قيام جي عهد جي تجديد ڪرڻي پوندي. وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته …
يومِ پاڪستان، پاڪستان جي بانين جي ويزن، عزم ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي: ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي يومِ پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يومِ پاڪستان، پاڪستان جي بانين جي ويزن، عزم ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اسان کي انصاف، برابري ۽ موقعن تي ٻَڌل رياست جي قيام جي عهد جي تجديد ڪرڻي پوندي. وزارت طرفان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته يومِ پاڪستان 23 مارچ 1940ع جو ٺهراءُ لاهور جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ پاڪستان جي قيام جو بنياد رکيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ اجتماعي ڪوششون اڻٽر آهن. هن چيو ته تعليم، قومي ترقي ۽ روشن مستقبل کي حاصل ڪرڻ جو بنيادي ٿنڀ آهي. هر ٻار کي معياري تعليم جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوان نسل کي علم ۽ مهارت سيکارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سڄي ملڪ ۾ معياري ۽ مساوي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري آهن. وفاقي وزير چيو ته اچو اڄ يومِ پاڪستان تي اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي عمل جو عهد ڪريون. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان پائنده باد.











