اسلام آباد - 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين کي ٽيليفون ڪئي ۽ موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جاري علائقائي ڇڪتاڻ ۽ ان جي وسيع تر اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير فواد حسين کي ٽيليفون ڪئي ۽ موجوده علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جاري علائقائي ڇڪتاڻ ۽ ان جي وسيع تر اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ وڌيڪ عدم استحڪام کان بچڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي قانون جي پاسداري خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهي. ٻنهي اڳواڻن عيد جي مبارڪباد جي پڻ ڏي وٺ ڪئي.











