اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي عامر حبيب جي والده، سهيل چوڌري جي والد، شهريار سلطان ۽ شهزاد سلطان جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

لاهور - 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل عامر حبيب جي والده، ڊي آءِ جي سهيل چوڌري جي والد، اين ايڇ اي جي اڳوڻي چيئرمين شهريار سلطان ۽ ايڊيشنل آءِ جي شهزاد سلطان جي والده جي لاڏاڻي تي انهن جي گهر ويو ۽ مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومن جي …

لاهور – 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري جنرل عامر حبيب جي والده، ڊي آءِ جي سهيل چوڌري جي والد، اين ايڇ اي جي اڳوڻي چيئرمين شهريار سلطان ۽ ايڊيشنل آءِ جي شهزاد سلطان جي والده جي لاڏاڻي تي انهن جي گهر ويو ۽ مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحومن جي خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.