وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري طرف واپسي جي ضرورت تي زور

لاهور - 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۾ جاري خطرناڪ صورتحال تي گهري ڳڻتي ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سنگين صورتحال جي ڏس ۾ سمورن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري طرف واپسي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران …

لاهور – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۾ جاري خطرناڪ صورتحال تي گهري ڳڻتي ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سنگين صورتحال جي ڏس ۾ سمورن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري طرف واپسي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر ۽ ايران جي ڀائر عوام کي عيدالفطر ۽ نوروز جي مبارڪباد ڏني. ايراني صدر وزيراعظم جي جذبن جو شاندار انداز ۾ جواب ڏيندي پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بطور پاڙيسري ڀائر ملڪ جاري ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ بهادر ايراني عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين ۽ متاثرين جي جلد صحتيابي ۽ سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم نار خطي ۾ جاري خطرناڪ صورتحال تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو پڻ اظهار ڪيو. ان سنگين صورتحال جي ڏس ۾ هن سمورن پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري طرف واپسي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي. هن مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، جنهن جي هن وقت سخت ضرورت آهي. پاڪستان جي قيادت جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪندي وزيراعظم ايراني قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي فروغ جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.