اسلام آباد - 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مسلمانن جي لاءِ جدا وطن قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بزرگن جي بصيرت ۽ عزم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر قوم ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي هي آزاد وطن حاصل ڪيو. اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي قدرن تي قائم رهندي ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مسلمانن جي لاءِ جدا وطن قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بزرگن جي بصيرت ۽ عزم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر قوم ڪيتريون ئي قربانيون ڏئي هي آزاد وطن حاصل ڪيو. اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي قدرن تي قائم رهندي ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪندي اسان سڀ گڏجي هر چئلينج کي ڪاميابي سان منهن ڏينداسين. پاڪستان ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته آئون پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هم وطنن کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان 23 مارچ 1940ع جي منظور ڪيل قراردادِ پاڪستان جي ياد ۾ ملهايون ٿا، جنهن تحت ننڍي کنڊ جي مسلمانن هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو جتي اهي اسلامي اصولن موجب پنهنجي زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته اڄ 23 مارچ جي ان يادگار تاريخ کي ملهائيندي اسان پنهنجي بزرگن جي اڻٿڪ جدوجهد، بصيرت ۽ عزم کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، جن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ آزاد رياست جي طور تي وجود ۾ آيو. قائداعظم محمد علي جناح تحريڪ پاڪستان جي قيادت ڪندي ڪيترن ئي چئلينجز جو غيرمعمولي استقامت، جرئت ۽ يقين سان مقابلو ڪيو. اسان جي بهادر قوم ان قرارداد ۾ پيش ڪيل وطن حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون. اڄ اسان پنهنجو قومي ڏينهن اهڙي وقت ۾ ملهائي رهيا آهيون جڏهن اسان جو خطو تڪرارن جي لپيٽ ۾ آهي. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ جا معاشي ۽ سياسي اثر اسان تي پڻ پئجي رهيا آهن. حڪومت پاران اختيار ڪيل ڪفايت شعاري قدمن جي ڏس ۾ مون کي پڪو يقين آهي ته اسان جي قوم اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي قدرن تي قائم رهندي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪندي ۽ اسان سڀ گڏجي ان چئلينج کي به ڪاميابي سان منهن ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جون افغانستان جي اندر فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج/ ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروايون انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهن. ان راهه ۾ اسان جا بهادر فرزند پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن. اسان پنهنجي شهيدن ۽ قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن اسان جي گڏيل مستقبل جي بهتري لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون. هن چيو ته ان موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي نه ٿا وساري سگهون جن پنهنجي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم تي ثابت قدم آهي. هن خصوصي ڏينهن جي موقعي تي آئون ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پڻ دلي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ انهن جي حب الوطني، لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيان ٿو. اهي هر ڏينهن عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي فخر سان ڪن ٿا ۽ ملڪ جي مستقبل جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.











