صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس، لاڙڪاڻو ۾ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو

لاڙڪاڻو- 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس، لاڙڪاڻو ۾ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن هتي منعقد ڪيل تقريب ۾ صدر قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي قومي ترانو وڄايو ويو جڏهن ته سنڌ پوليس جي هڪ دستي ان موقعي تي قومي جهنڊي کي سلامي ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو …

لاڙڪاڻو- 23 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس، لاڙڪاڻو ۾ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن هتي منعقد ڪيل تقريب ۾ صدر قومي جهنڊو ڦڙڪايو. ان موقعي تي قومي ترانو وڄايو ويو جڏهن ته سنڌ پوليس جي هڪ دستي ان موقعي تي قومي جهنڊي کي سلامي ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پي پي پي جي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر، صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سهيل انور سيال ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا.