لاهور-23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڏهاڙي واري تاريخ ساز قومي ڏينهن تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان تاريخي ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 86 سال اڳ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمان قيادت پنهنجي پختي عزم سان هڪ آزاد …
آزاديءَ جي نعمت تدبر، عزم، استقامت ۽ قربانين جو واضح ثبوت آهي: وزيراعظم جو يوم پاڪستان تي پيغام

مزید خبریں
لاهور-23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ڏهاڙي واري تاريخ ساز قومي ڏينهن تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ ڏکڻ ايشيا جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان تاريخي ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن 86 سال اڳ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمان قيادت پنهنجي پختي عزم سان هڪ آزاد وطن جو بنياد رکڻ لاءِ متحد ٿي. فڪر اقبال مان رهنمائي حاصل ڪندي مسلم اڳواڻن اڄوڪي ڏينهن اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جتي مسلمانن جي آئيني ۽ سياسي حقن کي تحفظ حاصل ٿيو ۽ هو وقار، آزادي ۽ عزتِ نفس سان زندگي گذاري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 23 مارچ 1940ع جي تاريخي ڏينهن، قرارداد لاهور مسلمانن کي اهو عزم بخشيو ته رڳو 7 سالن جي ٿوري مدي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي اسان جي بزرگن قائداعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ افروز قيادت ۾ هڪ ڌار ملڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي پاڪستان جي صورت ۾ آزادي جي اها نعمت اسان جي اڳواڻن جي تدبر، عزم، سگهه ۽ قربانين جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پروقار تاريخ ۾ اسان جي قوم هر آزمائش ۾ غير معمولي جذبي ۽ عزم ۽ همت جو مظاهرو ڪيو آهي. هڪ ننڍي ملڪ کان ايٽمي طاقت تائين جو اسان جو سفر استقامت ۽ پختي عزم سان لکيل آهي. روشن مستقبل طرف اهو سفر اڄ به جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي تصورن موجب بدلائڻ لاءِ اسان کي ثابت قدمي، اڻٿڪ محنت ۽ هڪ اجتماعي لائحه عمل سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. ڪيترن ئي چئلينجن باوجود الحمد الله ، اسان پاڪستان جي معيشت کي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ۽ مثبت اقتصادي اهڃاڻ درست رخ جو ثبوت آهن. ڪاميابي جو هي سفر جرئتمنداڻي سڌارن ۽ دانشمداڻي حڪمت عملي سان گڏوگڏ عوام جي پنهنجي صلاحيتن ۽ وطن عزيز جي روشن مستقبل تي اعتماد جي ڪري آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اعليٰ پيشيوراڻي مهارت ۽ حب الوطني جي جذبي سان ٽمٽار ٿي پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري جو دفاع ڪري رهيا آهن. گذريل سال حق جي ويڙهه، آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي ازلي دشمن کي موثر جواب ڏئي عسڪري قيادت جو سنهرو باب لکيو. هن دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ۽ اسان جا عزم پختا آهن. وزيراعظم ياد ڏياريو ته هن سال 26 فيبروري 2026ع جي رات اسان جي سرحدن تي طالبان غاصب ٽولي جي بنا جواز جي جارحيت جو جواب آپريشن غضب للحق ذريعي ڏنو ويو. آپريشن غضب للحق رڳو عسڪري ڪارروائي ناهي پر دهشتگردي خلاف قومي عزم جي علامت آهي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي امن ۽ تحفظ تي رَهڙ اچڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل سان لاڳاپيل آهي. اسان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. پاڪستان فلسطيني ڀائرن سان به مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ تي به گهري ڳڻتي رکي ٿو. پاڪستان هڪ ذميوار عالمي رياست جي متوازن ۽ فعال سفارتڪاري جاري رکي آهي، جنهن جو محور علائقائي استحڪام، ڳالهين ۽ گڏيل احترام آهي، پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ڳالهيون ئي پائيدار امن جو رستو آهن. وزيراعظم چيو ته يوم پاڪستان جي موقعي تي اسان تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي لازوال خدمتن کي پرخلوص خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادر آفيسرن ۽ دلير جوانن کي به سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستاني قوم کي بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي جيڪي ملڪ کي ترقي جي بلندين سان همڪنار ڪنديون. ڏور رس حڪمت عملي، موثر پاليسي، مخلصاڻيون ڪوششون ۽ قومي اتحاد سان اسان سڄي دنيا ۾ اهو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، جنهن جو جواب پاڪستان جي بانين ڏٺو هو. پرعزم ۽ متحد قوم جڏهن هڪ مقصد لاءِ ڄمي بيهي ته ان جي سامهون ڪو به چئلينج اهڙو نٿو رهي جنهن کي پورو نه ڪري سگهجي. اسان لازوال جذبي، اڻٿڪ محنت ۽ گڏيل جدوجهد سان مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جي تعمير جاري رکنداسين.











