اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي بانين ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي ڏينهن تي پوري قوم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح، مفڪر پاڪستان، علامه محمد اقبال ۽ پاڪستان جي بانين جي ٿورائتي آهي، جن هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مُلڪ جي خواب …
پاڪستان جي ڏينهن تي پوري قوم پاڪستان جي بانين جي ٿورائتي آهي: عطاءُالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ پاڪستان جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي بانين ۽ شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان جي ڏينهن تي پوري قوم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح، مفڪر پاڪستان، علامه محمد اقبال ۽ پاڪستان جي بانين جي ٿورائتي آهي، جن هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مُلڪ جي خواب کي ساڀيان جو رُوپ ڏنو. سومر تي سماجي رابطن جي پليٽ فارم "ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪلمي جي نالي تي قائم ٿيل هي مُلڪ، انشاءَ الله، قيامت تائين قائم رهندو. هن ڏينهن تي، اسان پنهنجن شهيدن ۽ انهن ڪيترن ئي هيروز کي به سلام پيش ڪريون ٿا جن مُلڪ جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. ” جب تک ہے یہ دنیا باقی ہم دیکھیں آزاد، ہم دیکھیں آزاد تجھے، سوہنی دھرتی اللہ رکھے، قدم قدم آباد تجھے” پاڪستان زنده باد”











